تنبو 3

تُنبو2: سُڪل ڪَدو، جنهن جا ڪيترائي قسم آهن؛ جهڙوڪ گول، گول ۽ چپٿرا، گول بيضوي وغيره. ڪَدوءَ جي کل سُڪڻ کان پوءِ نهايت سخت ٿي ويندي آهي؛ انهيءَ سڪل کل واري ڪدوءَ کي ”تُنبو“ چوندا آهن. تُنبو ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڪيترائي ماڻهو بيضوي ننڍي تُنبي جو مٿيون حصو ڪٽي، اندران خالي ڪري، اٽي ٻاٽ رکڻ لاءِ لوٽيءَ وانگر استعمال ڪندا آهن. اهو گول ۽ چپٿرو ڪدو، مهاڻا چيلهه سان ٻڌي يا ڇاتيءَ تي رکي تري پار ويندا آهن، خاص ”تُنبو“ اُن کي چوندا آهن. ننڍو ۽ گول چپٿرو سڪل ڪدو يڪتاري ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. اهڙيءَ طرح تُنبو گهڻن ئي ڪمن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ننڍو گگهيءَ جي شڪل جهڙو سُڪل ڪدو، جنهن کي اڌو اڌ ڪري فقير خيرات وٺندا آهن، اُن کي تُنبي سڏبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو